اگهم راجا

اگهم راجا: اگهم راجا، راءِ گهراڻي جي حاڪم راءِ سهيرس پٽ راءِ سهاسيءَ جي دور ۾، سنڌ جي ڏاکڻي حصي ”لوهاڻي پرڳڻي“ جو حاڪم هو. سندس گاديءَ جو هنڌ برهمڻ آباد هو. چچ، راءِ سهيرس کان حڪومت هٿ ڪرڻ بعد سيوستان کان ٿيندو، جڏهن لوهاڻي پرڳڻي پُهتو، ته اتي راجا اگهم کان پنهنجي تابعداريءَ جي گهر ڪيائين. راجا اگهم، هڪ مڪار ۽ فريبي حاڪم جي تابعداريءَ بدران، جنگ کي ترجيح ڏني، اهڙيءَ طرح اها جنگ هڪ سال تائين هلندي رهي. جنگ جي آخر ۾ اگهم، لوهاڻي پرڳڻي پُهتو، اگهم لوهاڻي قلعي بندي ڪئي ۽ ان قلعي بنديءَ واري وقت ۾ پاڻ مري ويو، جڏهن ته کانئس پوءِ سندس پُٽ کي گاديءَ تي ويهاريو ويو، جنهن چچ جي تابعداري قبول ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو